چڪوال – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته پارليامينٽ جا ميمبر چونڊ مهم تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪن ٿا، مخالف ڌر اڳواڻن جي خواهش تي اهي استعيفيٰ ڪيئن ڏئي سگهن ٿا، اسيمبلين ۾ مخالف ڌر ميمبرن جا فارورڊ بلاڪ ٺهي ويندا، مولانا فضل الرحمان ته 12 هون رانديگر آهي، ان جي چوڻ تي ڪير استعيفيٰ ڏيندو، توانائي جي معاملي تي جلد قوم کي خطاب ڪندس، بجلي جي پيداواري ??اڳت سان گردشي قرض وڌي ٿو، بجلي جي قيمت ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ آءِ پي پيز سان ڳالهيون جا??ي آهن، کاڄرو تيل جي پيداوار ۾ پاڻڀرائپ جي لاءِ زيتون جي پوکي کي وڌايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.