اسلام آباد – پ??ري?? جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گذريل حڪومتن 10 سالن ۾ پاڪستان جو قرض 6 ارب کان 30 ارب تائين پهچايو ۽ سڀ ادارا بئنڪ ڪرپٽ ڪري ڇڏيا، اسان ٻن سالن ۾ 20 ارب ڊالر قرض واپس ڪيو آهي، 17 سالن کانپوءِ ڪرنٽ اڪائ??نٽ پنج مهينن کان سرپلس آهي، مٽاسٽا جو ناڻو ۽ روانگي واپار وڌيو آهي، ڪو بيوقوف ئي هوندو جنهن کي اها خبر نه هوندي ته ملڪ جا ڪهڙا مسئلا آهن، ٻاهر ويهي اندازو نٿو لڳائي سگهجي ته ادارن جي اندروني حالت ڪهڙي آهي، پاڪستان جي تقدير بدلائڻ ڪو آسان ڪم نه آهي، مسئلن جا جيڪي به حل آهن اهي تڪليف ڏيندڙ ۽ مشڪل آهن، 2008ع کان 2018ع تائين پاڪستان تي چئوڻو قرض چڙهي ويو، گهر تي جڏهن قرض چڙهندو آهي ته ان جو هلڻ مشڪل ٿي ??ين??و آهي، منهنجو تياري بابت بيان ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چئنل کي ڏنل پنهنجي انٽرويو ۾ ڪيو، هن چيو ته مون کي ملڪي حالتن جي خبر هئي، وزيراعظم بڻجڻ کان پ??ري?? مون ڪيترائي انٽرويو ڏنا ۽ اهو چيو ته پاڪستان جي تقدير بدلائڻ ڪو آسان ڪم نه آهي، مسئلا جيڪي به آهن اهي تڪليف ڏيندڙ ۽ مشڪل آهن، هن چيو ته 2008ع کان 2018ع تائين پاڪستان تي چار ڀيرا وڌيڪ قرض چڙهي ويو، گهر تي قرض ان لاءِ چڙهندو آهي ته آمدني گ??ٽ ۽ خرچا وڌيڪ هوندا آهن. گهر تي جڏهن قرض چڙهندو آهي ته ان جو هلڻ مشڪل ٿي ??ين??و آهي، گهر تي قرض چڙهي ته خرچا گهٽ ڪيا ??ين??ا آهن، خرچ گهٽ ڪريون ٿا ته گهر هلائڻ ۾ مشڪلات ايندي آهي، دنيا جي ڪنهن به ملڪ تي جڏهن قرض چڙهي ??ين??و آهي ته ان جي انهن حالتن مان گذرڻو پوندو آهي.