اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان روانگي واپار ۾ اضافي لاءِ گهربل قدم ترجيحي بنيادن تي کڻڻ جي هدايت ڪندي جامع ايڪشن پلان جوڙي ان تي عمل ڪرڻ ۽ وڏي پئماني تي پرڏيهي ناڻي جي صلاحيت رکندڙ روانگي واپار جي ح??الي سان صلاحيت وڌائ?? تي زور ڏنو. هن اهڙن خيالن جو اظهار ترجيحي شعبن تحت اقتصادي پهچ جي ح??الي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ وزيراعظم جو واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ??زيراعظم جو خاص مددگار معيد يوسف ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ وزيراعظم کي روانگي واپار جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ کنيل قدمن کان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو.