اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چ??ن جي نئين قمري سال جي آغاز جي موقعي تي چ??ن جي عوام کي مبارڪبا?? پيش ڪندي چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان دوستي جي مضبوط رشتي ۾ ڳنڍيل آهن، پاڪستان ۽ چين دوست ??هن ۽ رهندا، اسان زراعت، ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ چ??ن جي تجربن مان سکڻ چاهيون ٿا. هو هتي چ??ن جي نئين قمري سال جي آغاز جي حوالي سان منعقد تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪري رهيو هو. تقريب کي پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان، اوورسيز ڪميونٽي جي صدر نعمت الله جان ۽ جنرل سيڪريٽري شوڪت علي به خطاب ڪيو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پاڪستان ۽ چين مضبوط رشتن ۾ ڳنڍيل آهن، چين پنهنجي قيام سان ئي پاڪستان سان لاڳاپا قائم ڪيا ۽ اهي لاڳاپا مضبوط ??ان مضبوط ٿيندا ??يا، هن چيو ته اسان کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته چ??ن جي عوام ۽ متحرڪ قيادت پنهنجي محنت جي زور تي ترقي حاصل ڪئي، پاڪستان کي جڏهن به مشڪل وقت پيش آيو چين سدائين ساٿ ڏنو