اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ گهرو وزير شيخ رشيد احمد چي?? آهي ته وزيراعظم غريب جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي جڏهن ته غريب عوام ۽ پ??هاردار طبقي ??ي حالت بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي، جهڙي طرح وزيراعظم ختم نبوت جو جهنڊو بل??د ڪيو آهي الله پاڪستان ۾ عمران خان جو جهنڊو بل??د ڪندو. قومي اسيمبلي ۾ اعتماد جي قرارداد جي منطوري کانپوءِ ڳالهائيندي عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چي?? ته ماضي ۾ مون پنهنجي زندگي ۾ ڏٺو آهي ته ڏهه ڏهه، ٻارنهن ٻارنهن ماڻهن پوري نظام کي اپ سيٽ ڪيو. عمران خان تباهه حال معيشت کي جهڙي طرح سهارو ڏنو ۽ 20 ارب ڊالر جي خساري کي سرپلس ڪيو آهي ان جو ماضي ۾ مثال نه ٿو ملي. هن چي?? ته مون ماضي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن سان گڏ ڪم ڪيو آهي پر انهن اهڙو ڪم نه ڪيو جهڙي طرح عمران خان ڪيو آهي. هن چي?? ته اڍائي سال گذري ويا آهن، الله وزيراعظم کي نئين سياسي زندگي ڏني آهي. وزيراعظم غريب جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو. جڏهن ته غريب عوام ??ي حالت بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇو ته جاگيردار ۽ صنعتڪار ڪنهن جا ناهن هوندا.