اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جا گڏي?? مفاد ڪنهن به قسم جي سياست کان مٿي آهن، ٻنهي ملڪن ج?? پارليامينٽ ٻطرفي لاڳاپن کي ??ڌي?? مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين – پاڪستان سفارتي لاڳاپن جي 70 هين سالگرهه جي موقعي تي چيني سفارتخاني طرفان انعقاد ڪيل آن لائن تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ته خوشي جي ان موقعي تي ان طرح جي تقريب جي انعقاد تي چيني سفارتخانو مبارڪباد جو مستحق آهي. سينيٽ چيئرمين چيني صدر شي جن پنگ لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو ۽ ان موقعي تي دلي پيغام تي ٿورو ادا ڪيو. هن چيو ته 21 مئي 1951ع پاڪستاني تاريخ جو اهم ڏينهن آهي، انهي ڏينهن پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيا هئا، پاڪستان سدائين هر طرح جي حالتن ۾ پنهنجي چيني ڀائرن سان گڏ بيٺل ر??يو آهي، هن چيو ته چين سان دوستي سدائين پاڪستاني پرڏيهي پاليسي جو مرڪ??ي جزو ر??يو آهي، چين ۽ پاڪستان صرف پاڙيسري ئي نه پر بهترين دوست ملڪ به آهن، پاڪستان ۽ چين جهڙي دوستي جو دنيا ۾ ڪٿي مثال نٿو ملي، هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جا گڏي?? مفاد ڪنهن به قسم جي سياست کان مٿانهون آهن، پاڪ چين دوستي صديون پراڻي راهدارين، تاريخي ثقافتي لاڳاپن تي مشتمل آهي،