اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ روينيو واري وفاقي وزير شوڪت ترين جي ورچوئل صدارت ۾ ڪابينا جي نجڪاري بابت ذيلي ڪميٽي (سي سي او پي) جي اجلاس ۾ نيشنل پاور پارڪس ميينجمينٽ ڪمپني لميٽڊ (اين پي پي ايم سي ايل) جي نجڪاري تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو و??و. ناڻي واري وزارت پاران جاري پريس رليز موجب ناڻي واري وفاقي وزير جي ورچوئل صدارت ۾ ڪابينا جي نجڪاري بابت ذيلي ڪميٽي جو اجلاس هتي فنانس ڊويزن ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ نجڪاري وارو و??اقي وزير، وزيراعظم جو اداره جاتي سڌارن وارو صلاحڪار، پاور بابت خاص مددگار، ايف بي آر چيئرمين ۽ ن??ڻي ۽ روينيو بابت خاص مددگار شرڪت ڪئي، جڏهن ته پاور، پيٽروليم ۽ ن??ڪاري جي سيڪريٽرين به شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ نيشنل پاور پارڪس مينيجمينٽ ڪمپني لميٽڊ جي نجڪاري تي ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو و??و ۽ ان حوالي سان ڪابينا جي توانائي بابت ڪميٽي، ڪابينا جي نجڪاري بابت ڪميٽي ۽ سي سي سي جي فيصلن تي عملدرآمد جو به جائزو ورتو و??و.