اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 39 فوتگيون ٿيون جنهن مان 17 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾3 هزار 262 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن ??ڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان مل??ان ۾ 15 سيڪڙو، پشاور ۾ 18 سيڪڙو، لاهور 20 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 34 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن ??ڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان راولپنڊي ۾ 24، ڪراچي ۾ 48 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 25 سيڪڙو ۽ گلگت ۾ 44 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 49 هزار 412 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 16 هزار 975، پنجاب ۾ 18 هزار 432، خيبرپختونخواهه ۾ 7 هزار 802، اسلام آباد ۾ 2 هزار 390، بلوچس??ان ۾ 2 هزار 393، گلگت بلتس??ان ۾ 727، آزاد ڪشمير ۾ 693 ??يسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 9 لک 28 هزار 722 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچس??ان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 276 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 59 هزار 899 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 10 لک 11 هزار 708 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 23 هزار 203، بلوچس??ان ۾ 29 هزار 618، گلگت بلتس??ان ۾ 7 هزار 798، اسلام آباد ۾ 85 هزار 947، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 42 هزار 139، پنجاب ۾ 3 لک 53 هزار 695 ۽ سنڌ ۾ 3 لک 69 هزار 245 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 23 هزار 87 آهي.