اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان کان وڌيڪ ٻيو ڪو ملڪ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند نه آهي، پرامن ۽ مضبوط افغانستان جي لاءِ پاڪستان ڀرپور حمايت ڪ??دو، افغانستان ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ افغان اڳواڻن تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. هو افغانستان سان تعلق رکندڙ سياسي اڳواڻن سان ڳالهائي رهيو هو جن ڪالهه اڱاري ڏينهن ه??ي ساڻس ملاقات ڪئي. سياسي اڳواڻن جي وف?? جي آجيان ڪندي وزيرا??ظم عمران خان دين، تاريخ، جاگرافيائي، ثقافت ۽ رشتيداري جي مضبوط رابطن جي ذريعي پاڪستان جي عوام پاران ڀائر افغان عوام جي لاءِ ڀرپور حمايت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان کان وڌيڪ ٻيو ڪو ملڪ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند نه آهي. وزيرا??ظم چيو ته موجوده صورتحال ۾ افغان اڳواڻن تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي افغانستان کي پائيدار امن، استحڪام ۽ ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ تعميري طور تي گڏجي ڪم ڪن. وزيرا??ظم افغانستان ۾ ٺوس سياسي حل جي لاءِ سمورين ڌرين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجائيندي وزيرا??ظم عمران خان خاطري ڪرائي ته پاڪستان ان سلسلي ۾ ڪئي ويندڙ ڪوششن ??ي ڀرپور حمايت ڪ??دو. وف?? جي ميمبرن وزيرا??ظم جا ٿورا مڃيا ۽ امن ڪوششن ??ي لاءِ پاڪستان جي حمايت کي ساراهيو. هنن چيو ته افغانستان جو معاشرو گهڻ نسلي نوعيت جو آهي ۽ اتي ٺوس نظم ۽ ضبط جي ضرورت آهي. افغان وف?? پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش کي پڻ ورجايو.