اسلام آباد – 30 آگ??ٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ننڍي ۽ و??ول?? درجي جو ڪاروبار ملڪي معيشت جي لاءِ تمام اهم آهي، ماضي ۾ ننڍين صن??تن کي نظرانداز ڪيو ويو، ننڍي ڪاروبار ڪندڙن کي مراعتون ۽ سهولتو?? ڏنيون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ننڍي ۽ و??ول?? درجي جي ڪاروبار جي فروغ جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، مخدوم خسرو بختيار، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. صن??ت ۽ پيداوار ڊويزن واري سيڪريٽري اجلاس کي تجويز ڪيل ايس ايم ايز پاليسي جي مقصدن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ننڍي ۽ و??ول?? درجي جو ڪاروبار پاڪستان جي ڪل جي ڊي پي جو 40 سيڪڙو حصو آهي، ٽيڪس جي مد ۾ تمام گهڻيون مراعتو?? ڏنيون پيون وڃن، ايس ايم ايز جي فروغ جي لاءِ ايڪشن پلان جي منطوري وفاقي ڪابينا اڳ ۾ ئي ڏئي چڪي اهي، اسٽيٽ بئنڪ جي نگراني هيٺ ننڍي ۽ و??ول?? صن??تن کي قرض ڏنا ويندا، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي سان واڳيل ڪاروبار تي خاص ڌيا?? ڏنو پيو وڃي، سمورن حصيدارن سان تفصيلي رجوع ڪيو ويو آهي ته جيئن پاليسي ۾ ڪنهن قسم جو جهول نه رهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته ايس ايم ايز ملڪي معيشت ۾ اهم ترين حيثيت رکندڙ آهي، ماضي ۾ ننڍين صن??تن کي نظرانداز ڪيو ويو، اسان جي حڪومت جو ڌيان ننڍي صن??تن کي سهولتون ڏيڻ تي آهي. هن چيو ته ڪاروبار ۾ آسانين جي پاليسي تحت ننڍي ڪاروبار ڪندڙن کي مراعتون ۽ آسانيو?? ڏنيون وڃن. هن هدايت ڪئي ته تجويز ڪيل ايس ايم ايز پاليسي کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏني وڃي.