اسلام آباد – 04 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان صحت انصاف ڪارڊ جي نظام ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي لاءِ صحت انصاف ڪارڊ بابت شهرين جي مسئلن کي پا??ست??ن سٽيزن پورٽل سان ڳنڍي ڇڏيو آهي ۽ وزيراعظم جي هدايت تي سٽيزن پور??ل تي صحت انصاف ڪارڊ جي نالي سان خصوصي ڪيٽيگري الاٽ ڪئي وئي آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري تفصيل موجب صحت انصاف ڪارڊ جي نظام ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي وزيراعظم ڊيليوري يونٽ هدايتنامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. اسپتالن ۾ علاج کان انڪار، سهولتن جي کوٽ، عم??ي جي رويي بابت سڌوسنئون شڪايتون پا??ست??ن سٽيزن پور??ل تي ڪري سگهبيون. علاج تي ايندڙ خرچ جي عد?? معلومات، علاج ۾ دير ۽ غلط علاج تي پڻ شهري شڪايت ڪري سگهندا. وزيراعظم آفيس موجب صحت انصاف ڪارڊ جي پينل ۾ شامل اسپتالن جي مسئلن تي پڻ شڪايتون داخل ڪرائي سگهبيون. شڪايتن جي فوري ازالي لاءِ اسٽيٽ لائيف جي اعليٰ آفيسرن کي خصوصي ڊيش بورڊ پڻ الاٽ ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ لائيف جو چيئرمين شهرين جي شڪايتن جي فوري حل کي يقيني بڻائيندو.