اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارتي ظلم ۽ بربريت جي خلاف هر فورم تي آواز اٿاريندا رهنداسين، ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري ??کندا. اها ڳالهه هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي سان ڳالهائيندي ڪئي، جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران آزاد ڪشمير جي مجمو??ي صورتحال ۽ تعمير ۽ ترقي جي ايجنڊا تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ناڻي واري پارلياماني سيڪريٽري مخدوم زين قريشي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اطلاعات وارو مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري ??وصيف عباسي به ان موقعي تي موجود هئا.
پرڏيهي وزير سردار عبدالقيوم نيازي کي وزارت عظميٰ، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي منصب سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني،آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي پرڏيهي وزير جو ??ور?? ادا ڪندي کيس آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي تعمير ۽ ترقي لاءِ آئنده جي لائحه عمل کان آگاهه ڪيو ۽ پرڏيهي وزير کي آمريڪا جو ڪامياب دورو ڪر?? تي مبارڪباد ڏيندي ڪشميرين جي جائز حق، خودمختياري واري ??ق کي حاصل ڪر?? لاءِ سندس جدوجهد کي ساراهيو. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته سندس حڪومت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي مسئلن کي ترجيحي بينادن تي حل ڪر?? سان گڏوگڏ ڀارتي قابض فوج جي ظلمن کي منهن ڏيندڙ والاريل ڪشمير جي رهواسين کي درپيش مشڪلاتن کي عالمي سطح تي اجاگر ڪر?? لاءِ ڪوششون ڪري ??هي آهي.
هن چيو ته اسان ڪشميرين جي ان جدوجهد ۾ انهن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري ??کڻ لاءِ پرعزم آهيون، اسان تازو ئي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج جي ظلم ۽ ستم ۽ جنگي ڏوهن جي ٺوس ثبوتن تي ٻڌل ”ڊوزيئر“ دنيا جي سامهون پيش ڪيا آهن، شاهه محمود قريشي چيوت ه ڀارتي ظلم ۽ بربريت جي خلاف هر فورم تي آواز اٿاريندا رهنداسين.