لاهور – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ف??خ حبيب مسلم ليگ (ن) جي ن??ئب صدر مريم نواز کي چئلينج ڪيو آهي ??ه اها پنهنجي احتساب عدالت جي فيصلي جي خلاف روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي جي لاءِ درخواست ڏي، ٽال مٽول کان ڪم نه وٺي. لاهور ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف وڪلا ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مملڪتي وزير ف??خ حبيب حيرت جو اظهار ڪيو ته پهريو?? جوابدار ڏٺو آهي ??يڪو هڪ طرف ته عدالتي فيصلي کي غلط قرار ڏئي رهيو آهي ۽ ٻئي طرف هر پيشي تي پنهنجو وڪيل تبديل ڪريو ڇڏي. هن چيو ته تنقيد ڪندڙن کان پڇان ٿو اڄ کان اڳ ڪنهن احتساب جي ڳالهه ڪئي. جن ماڻهن سپريم ڪورٽ تي حملا ڪيا هجن ۽ ٽيليفون تي فيصلا لکرائيندا رهيا هجن اهي ??ڄ اهو چئي رهيا آهن ته اهو ??نت??ام آهي ??حتساب نه. فرخ حبيب چيو ته پهريون ڀيرو ڏٺو جوابدار عدالتن کان تاريخون وٺي رهيا آهن. پاڪستان جي ادارن ۽ انهن جي سربراهن جي خلاف لفظ بازي ڪئي وڃي ٿي. شريف خاندان جي ٻار?? جون ٻاهر اربين رپي?? جون ملڪيتون آهن. انهن وٽ اهڙو ڪهڙو اله دي?? جو چراغ آهي ??و 18 سالا ٻار به ارب پتي بڻجي ويو. ه?? جو چوڻ هو ته هن ملڪ جي اندر طاقتور کي پهريون ڀيرو خبر پئي ته اهي قانون جي تابع آهن، وڏن وڏن چورن ۽ ڌاڙيلن کي جيلن ۾ وڃڻو پيو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته شهباز شريف هڪ رپئي جي نه اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي. شريف خاندا?? جو سڄو ڪاروبار جيئڻ مرڻ سڀ ڪجهه ٻاهر آهي. هتي بس نواز شريف جو معالج ڊاڪٽر عدنان واپس اچي ويو ۽ نواز شريف واپس نه آيو. فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان جي سڄي جدوجهد پاڪستان جي بقاءَ ۽ ڪرپشن جي خلاف آهي. تحريڪ انصاف جو بنياد ئي انصاف ۽ انسانيت تي آهي. وزيراعظم عمران خان سدائين انصاف ۽ رول آف لا جي ڳالهه ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهي ??ه هن ملڪ ۾ قانون ۽ انصاف جو مان مٿانهون ڪرڻو آهي. هن چيو ته اسان جي سياسي جدوجهد جي شروعات وڪيل تحريڪ دوران ٿي هئي. وڪيل?? جو انصاف جي معاملي ۾ اهم ڪردار آهي. هن چيو ته جتي طاقت هوندي آهي ??تي احتساب به هوندو آهي. اطلاعات ۽ نشريات اوري مملڪتي وزير چيو ته اسان جي حڪومت قانونسازي تي ڪم ڪري رهي ??هي ماڻهن کي سستو ۽ فوري انصاف ڏيڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم عمران خا?? جو ويزن ڪليئر آهي. وزيراعظم عمران خان حق ۽ س?? جو ساٿ ڏنو. فرخ حبيب چيو ته پاڪستان ۾ طاقتور جو پهريون ڀيرو احتساب ٿي رهيو آهي. قانون واري وفاقي وزير بئريسٽر ف??وغ نسيم خطاب ڪندي چيو ته قانونسازي ڪئي وئي آهي. عملدرآمد وڪيل?? جو ڪم آهي. قانون واري وزير جي حيثيت سان ميرٽ کان هٽي ڪري ڪجهه ناهي ڪيو. فروغ نسيم چيو ته ماڻهن ڌڪا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر وزيراعظم عمران خان جي ڪري اڄ به قانون وارو وزير آهيان. انون واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ٿوري عرصي ۾ سوا لک کان ڏيڍ ڪيس اڪلايا ويا. هن چيوت ه وڪيلن ۽ ججن کانسواءِ قانونن تي عملدرآمد ممڪن نه آهي. سستي ۽ فوري انصاف کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ وڪيلن کي اڻٿڪ محنت ڪرڻي پوندي ۽ محنت کانسواءِ ڪو شارٽ ڪٽ نه آهي. قانون واري وفاقي وزير چيو ته اسان جي ويڙهه ڪوڙ ۽ بدنيتي سان آهي. قائداعظم محمد علي جناح پڻ اڻٿڪ محنت جو درس ڏنو آهي. قانون واري وفاقي وزير ف??وغ نسيم چيو ته آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ انصاف سان ئي ملڪ کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪري سگهجي ٿو. وزيراعظم جي خاص معاون شهزاد اڪبر چيو ته اسان وڪيلن کانسواءِ اڳتي نه ٿا وڌي سگهون. وزيراعظم عمران خان سان منهنجو تعلق سندس انصاف حاصل ڪرڻ جي مشن جي ڪري آهي. وڏي وڏي مافيا انصاف حاصل ڪرڻ جي مشن ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيا آهن. انصاف جي ن??ام جي درستگي وقت جي اهم ضرورت آهي. فوري سستي انصاف جي فراهمي جي مشن کي اڳتي وڌائڻ ۾ وڪيل ڪردار ادا ڪن.