اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي و??ير مخدوم شاهه محمود قريشي سان ”دعوت اسلامي“ جي 8 رڪني وفد پرڏيهي و??ارت ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ حاجي يوسف سليم، احتشام عطاري، سليم بلال، محمد عمران، آصف پولاني، اختر اسماعيل ۽ يوسف سليم شامل هئا. دعوت اسلامي جي وفد پرڏيهي و??ير کي آگاهه ڪيو ته ”دعوت اسلامي“ هڪ غير سياسي تنظيم آهي جيڪا سڄي دنيا ۾ دعوت ۽ تبليغ سان گڏوگڏ فلاحي ڪمن ۾ وڌ?? چڙهي حصو وٺ??دي آهي، دارالمدينه اسڪول سسٽم دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ?? تعليم ۽ تربيت جو ڪم سرانجام ڏئي رهيو آهي. حاجي سليم عطاري پرڏيهي و??ير کي ٻڌايو ته ٻوڏ، قدرتي آفتن خاص طور تي ڪورونا وائرس جي و??ا دوران دعوت اسلامي متاثرين جي دل کولي مدد ڪئي. هنن پرڏيهي و??ير کي آگاهه ڪيو ته دعوت اسلامي ”ٿيليسيميا فري پاڪستان“ جي فلاحي منصوبي تي ڪم ڪري رهي آهي ۽ هن وقت تائين ٿيليسيميا جي مريضن کي رت جا 42 هزار بيگ عطيا ڪري چڪي آهي، پرڏيهي و??ير دعوت اسلامي جي فلاحي سرگرمين کي ساراهيندي چيو ته اسلام، ڀائيچاري، محبت ۽ اخوت جو درس ڏي ٿو. هن چيو ته افغانستان هن وقت شديد معاشي بحران مان گذري رهيو آهي، حڪومت پاڪستان جهازن جي ذريعي ۽ زميني رستي سان انساني امداد ۽ دوائون افغانستان موڪلي، شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان 38 ملين آبادي جو ملڪ آهي، گذريل ٻن سالن کان اتي ڏڪار جهڙي صورتحال آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انساني همدردي جي بنياد تي افغان شهرين جي فوري امداد کي يقيني بڻايو وڃي. پرڏيهي و??ير چيو ته اسان افغان شهرين جي انساني بنيادن تي مدد لاءِ عالمي برادري سان مسلسل رابطي ۾ آهيون. اسان کي اميد آهي ته عالمي برادري، ماضي جي غلطين مان سبق حاصل ڪندي افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏيندي. وفد پرڏيهي و??ير کي مرڪز فيضان مدينه ڪراچي دوري جي دعوت ڏني جنهن کي هن ٿوري سان گڏ قبول ڪري و??تي.