اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته خيبرپختونخوا ۾ مضبوط مقامي حڪومت جو واع??و صرف عمران خان پورو ڪيو، ٻيو ڀيرو خيبرپختونخوا ۾ شفاف ۽ غير جانبداراڻيون چونڊون ڪرايون، عمران خان واحد اڳواڻ آهي جيڪو پنه??جي سيا??ي مفادن کي پاسي تي رکي ملڪ ۽ عوام لاءِ سوچيندو آهي. پنه??جي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته خيبرپختونخوا جون چونڊون ٻن حوالن سان اهم آهن، پهريون اهو ته پهريون ڀيرو تعلقي ج?? سطح تي سڌو سنئون ووٽ سان چونڊيل نمائندن کي اختيار منتقل ٿي رهيا آهن، مضبوط مقامي حڪومت جو واع??و صرف عمران خان پورو ڪيو ۽ ٻيو ڀيرو حڪومت شفاف ۽ غير جانبداراڻي چونڊون ڪرايون، هن چيو ته صرف عمران خان اهو اڳواڻ آهي جيڪو پنه??جي سيا??ي مفادن کي پاسي تي رکي ملڪ ۽ عوام لاءِ سوچيندا آهن، ٻي صورت ۾ ڪيترو آسان آهي وڏي وزير جي صورت ۾ هڪ ڊڪٽيٽر رکو ۽ ڪم هلايو، جيڪا پ پ پ ۽ نون ليگ جي روايت رهي آهي، سنڌ جا ماڻهو اڄ به ان رويي ج?? شڪار آهن، هاڻي پنجاب ۾ به بااختيار نظام قائم ٿيڻ وڃي رهيو آهي.