اسلام آباد – 24 جن??ري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي ابوظهبي جي ولي عهد ۽ گڏيل عرب امارات جي هٿياربند فوج جي ڊپٽي سپريم ڪمانڊر محمد بن زيد ڪالهه سومر ڏينهن ٽيليفون ڪئي ۽ لاهور ۾ ده??تگردي جي واقعي ۾ جاني نقصان جي مذمت ڪئي ۽ سوڳوار خاندانن سان ت??زي?? جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ابوظهبي جي ولي عهد 20 جن??ري 2022ع تي لاهور ۾ ٿيندڙ ده??تگرد حملي جي سخت مذمت ڪئي، جن??ن ۾ ٽي مانهو فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. هن سمورن متاثرين جي گهرڀاتين سان دلي ت??زي?? جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. ولي عهد پاڪستان جي قيادت، حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ت??زي?? ۽ حمايت جي ڀرپور اظهار تي ولي عهد جا ٿورا مڃيا. هر قسم جي ده??تگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجائيندي وزيراعظم چيو ته ده??تگرد حملن ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، مختلف فورمن تي تعاون وڌائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ويجهو رابطو جاري رکڻ جي پاڪستان جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن جي قيادت جي وچ ۾ لاڳيتو ?? خوشگوار رابطو پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جو عڪاس آهي.