اسلام آباد – 02 في??رو??ي (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي سينئر ترين جج جسٽس عمر عطابنديال 28هين چيف جسٽس آف پاڪستان طور پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي. ايوان صدر ۾ ٿيندڙ هڪ پروقار تقريب ۾ صدر ??اڪ??ر عارف علوي کائنس حلف ورتو، تقريب ۾ وزيراعظم عمران خان خصوصي طور تي شرڪت ڪئ??. ج??هن ته تقريب ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر، ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير بئريسٽر ??اڪ??ر نسيم فروغ، سميت ٻين وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزير، پارليامينٽ جي ميمبرن، ججن، وڪيلن جي تنظيمن جي عهديدارن ۽ سول فوجي عملدار شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جسٽس عمر عطابنديال چيف جسٽس جي طور تي مقرري جو نوٽيس به پڙهي ٻڌايو. صدر ??اڪ??ر عارف عل??ي سپريم ڪورٽ جي سينئر ترين جج جسٽس عمر عطابنديال کي چيف جسٽس آف پاڪستان مقرر ڪيو ان جي مقرري جو نوٽيفڪيشن 2 في??رو??ي کان لاڳو هوندو، ان کان پهرين چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار حسين پهرين في??رو??ي تي پنهنجي ملازمت جي مدت پوري ڪر?? کانپوءِ رٽائر ٿي ويو هو.