بيجنگ – 29 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي افغانستان ج?? پاڙيسري ملڪن ج?? ٽئين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ چين پهچي ويو. پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ افعانستان بابت خصوصي نمائندو ايمبيسڊر محمد صادق پڻ پرڏيهي وزير سان گڏ آهن. هوانگ شن عالمي ايئرپورٽ پهچڻ تي چين ۾ مقرر پاڪستاني سفير معين الحق ۽ چيني پرڏيهي وزارت جي سينيئر ??في??رن پرڏيهي وزير جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير پنهنجي ٽن ڏينهن ج?? دوري ۾ افغانستان ج?? پاڙيسري ملڪن ج?? ٽئين اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو. پرڏيهي وزير پاڪستان ج?? نمائندگي ڪندي پنهنجي اهم خطاب ۾ افغانستان سميت خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ ۽ ٺوس قدم کڻڻ تي زور ڏيندو. چين ۾ منعقد افغانستان ج?? ويجهي پاڙيسري ملڪن ج?? ٽئين اجلاس جي موقعي تي پرڏيهي وزير چين، روس، ايران ۽ ٻين ملڪن ج?? پرڏيهي وزيرن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو.