اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ ن??ريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب يو اي اي جي صدر شيخ خليفه بن زيد النهيان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته شيخ خليفه زيد النهيان پنهنجي ملڪ جي عوام جي لاءِ باوقار زندگي کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، سندس دور ۾ گڏيل عرب امارات تيز رفتار ترقي ڪئي، مرحوم پنهنجي ملڪ جي لاءِ پهريون اسٽريٽجڪ منصوبو ٺاهيو. اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته شيخ خليفه بن زيد النهيان اسلامي دنيا ۾ هڪ مضبوط آواز رکندو هو. هن چيو ته يو اي اي جي شاه?? خاندان ۽ عوام جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم شيخ خليفه بن زيد النهيان جا درجا بلند ف??مائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.