اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان جي نئين حڪومت جي فوري ترجيح ملڪ کي درپيش سنگين اقتصادي ??ئل??نجن کي منهن ڏيڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪا جي دوري جي موقعي تي نيويارڪ ۾ دوست ملڪن جي سفيرن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير منير اڪرم پاران ڏنل مانجهاندي کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان سمورن ترقياتي حصيدارن ۽ ڀائر اسلامي ملڪن سان تعاون کي مضبوط بڻائڻ ج?? ذريعي انهن ??ئل??نجن جو مقابلو ڪرڻ ج?? اميد رکي ٿو، م??نجهاندي ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ سعودي عرب، م??اڪش، آذربائيجان، ايران، عمان، اٽلي، م??لٽا، ايڪواڊور، م??ر، انڊونيشيا، م??حده عرب امارات ۽ ڪويت جا سفير به شامل هئا. پرڏيهي وزير پنهنجي ريمارڪس ۾ عالمي ۽ علائقائي مسئلن جي حوالي سان پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن جو به خاڪو پيش ڪيو جنهن ۾ افغانستان، ڄمون ۽ ڪشمير جي ص??رت??ال، سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن کانسواءِ مهانگائي ۽ خوراڪ جي حفاظت، ڪووڊ – 19 جي وبا، م??اشي ص??رت??ال ۽ موسمياتي تبديلي شامل آهن.