اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم ش??باز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪا??ينا جي اجلاس ۾ لوڊشڊيڊنگ گهٽ ڪرڻ جي طريقن ۽ توانائي جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، بجلي جي وڌيڪ طلب کي پورو ڪرڻ جي لاءِ نصب ٿيل صلاحيت جي کوٽ آهي، سپلاءِ چين ۾ پڻ گيپ ??هي ڇو ته پي ٽي آءِ ٻارڻ جا ڪيترائي معاهدا نه ڪيا، اسان انهن مسئلن کي فوري طور تي حل ڪري رهيا آهيون. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ انهن سمورن منصوبن کي چار سالن ۾ نه هلائي سگهي جيڪي پي ايم ايل اين شروع ڪيا هئا. هن چيو ته تريمون ۾ سيمنز جو ايل اين جي پلانٽ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ 61.6 سيڪڙو ڪا??ائتو پلانٽ آهي ۽ هتي 2018ع ۾ مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ پهرين ٽربائن اچي چڪي هئي، اهو پلانٽ اڃا تائين ناهي هلي سگهيو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته قومي سطح تي توانائي واري وزارت پاران انرجي ڪنزرويشن پلان هن مشڪل وقت ۾ پيش ڪيو پيو وڃي جڏهن بجلي جي کوٽ آهي ۽ تيل ۽ گئس جون قيمتون عالمي منڊي ۾ ??لن?? سطح تي آهن. هن چيو ته فنانس ڊويزن پاران ڪا??ينا ۾ ڪفايت شعاري جو منصوبو پيش ڪيو پيو وڃي. ڪا??ينا ميمبرن ??ميت سرڪاري عهديدارن ??ي پيٽرول استحقاق ۾ 40 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي پئي وڃي.