اسلام آباد – 30 – جو?? (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هز هائينس آغا خان کي اسماعيلي برادري جي امامت جا 65 سال مڪمل ٿيڻ تي دلي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اسماعيلي برادري جي اڳواڻ آغا خان جي نالي خط ۾ چيو ??هي ته توهان جي دورانديش قيادت ۾ آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو ??هي. هن چيو ??ه آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ عوامي خدمتن ۽ ڀلائي جي شعبي ۾ بي مثال خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. صدر چيو ??ه آئون ۽ پاڪستاني عوام ڪمزور طبقن جي ڀلائي لاءِ توهان پاران ڪيل ڪوششن تي ٿو??ا مڃون ٿا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??ه منهنجي دعا آهي ته الله تعاليٰ توهان کي ماڻهن جي وڌيڪ خدمت ڪرڻ جو حوصلو ۽ توفيق ڏي.