اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي( پاڪستان ۽ سعودي عر?? سيڙپڪاڙي، توانائي ۽ واپار جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. سومر جي ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف سعودي عر?? جي نائب وزيراعظم ۽ دفاع واري وزير ولي عه?? شهزادي محمد بن سلمان آل سعود سان ٽيلي فون تي ڳالهه ڪئي. وزيراعظم خادم الحرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدلالعزيز جي لاءِ نيڪ ??واهشن جو اظهار ڪيو. سعودي عر?? جي ولي عه?? شهزادي محمد بن سلمان وزيراعظم ۽ پاڪستاني قوم 75 آزادي جي ڏهاڙي تي مبارڪ ڏني. ولي عه?? شهزادي محمد بن سلمان پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ ??واهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٽ ڪئي ۽ پاڪستان سعودي عر?? جي وچ ۾ سالن تي ٻڌل مضبوط ڀائرن لاڱاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف ۽ ولي عه?? شهزادي محمد بن سلمان وزير اعظم کي اپريل 2022 جي دوري جي دوران ڪيل فيصلن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ سعودي عر?? جي وچ سيڙپڪاڙي، توانائي ۽ واپار جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ ??يز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزير اعظم ڀائر ملڪ سعودي عر?? جي پاڪستان ج?? مشڪل وقت مدد جو ذڪر ڪندي ولي عه?? شهزادي محمد بن سلمان جو پاڪستان جي معيشت جي استحڪام ۽ ترقي لاءِ تازي تعاون تي ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم سعودي ولي عه?? شهزادي محمد بن سلمان کي پاڪستان جي جلد دوري جي دعوت ڏني جيڪا ان قبول ڪري ورتي.