اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف نيشنل فلڊ ريسپانس ڪوآرڊينيشن سينٽر (اين ايف آر سي سي) جو دورو ڪيو. اين ايف آر سي سي جي ڊپٽي چيئرمين ۽ نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين ايف آر سي سي معزز مهمانن جو استقبال ڪيو. اين ايف آر سي سي موجب دوري دوران ??فاقي وزيرن ۽ ٻين اعليٰ سول ۽ ملٽري عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم کي ملڪ جي مختلف ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ٻوڏ جي تازي صورتحال، ايندڙ 4 هفتن جي لاءِ مستقبل ۾ برسات جي اڳڪٿي ۽ متاثر آبادي جي چئلينجن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ عملي ڪم جي طريقيڪار، مواصلاتي انفراسٽرڪچر جي بحالي، متاثر ماڻهن جي لاءِ خوراڪ جي فراهمي، بي گهر متاثر ماڻهن کي پگناهه ۽ طبي امداد جي فراهمي جي منصوبن بابت تفصيلن کان ??گاهه ڪيو ويو. وزيراعظم نقصانن جي تشخيص جي لاءِ گڏيل سروي جلد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ان ??ومي آفت دوران ??ول انتظاميا خاص طور تي اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي ۽ سول آرمڊ فورسز بشمول پاڪستان ??ينجرز ۽ فرنٽيئر ڪور سان گڏجي هٿياربند فوج جي سمورن ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن کي ساراهيو. بنيادي ڍانچي جي مرمت ۽ سارسنڀال جي لاءِ اين ايڇ اي، ايف ڊبليو ۽ پاڪستان ??رمي جي انجينئرز جي مسلسل ۽ تيز رفتاري سان ڪم کي ساراهيندي وزيراعظم چيو ته هاڻي اسان ??و ڌيان ??تاثر ع??ائقن ۽ ماڻهن جي بحالي تي آهي جيڪي ان ??درتي آفت کان ??تاثر ٿيا ??هن. وزيراعظم خصوصي طور تي سوات ۾ قراقرم هاءِ وي، بحرين پل ۽ ڊي آءِ خان ۾ سگو پل کي کولڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪندڙ فوجي دستن کي ساراهيو ۽ چيو ته اسان ??ڪ ٺوس قومي ڪوشش ذريعي ئي ان ??درتي آفت تي ضابطو آڻي سگهون ٿا. وزيراعظم زور ڏئي چيو ته اسان کي ان چئلينج جو جواب ڏيڻ جي لاءِ هڪ قوم طور اڳتي وڌڻو پوندو، جيتوڻيڪ چئلينج تمام وڏو آهي پر هي متحرڪ ۽ مضبوط ٿيڻ جو موقعو به آهي. وزيراعظم هن مشڪل دوران ??اڪستان ??ان ??ابطو ڪرڻ ۽ عالمي حصيدارن جي حيثيت سان ??شڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوششن تي عالمي برادري، دوست ملڪن ۽ تنظيمن جا ٿورا مڃيا.