نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر جو بائيڊن پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ مشڪل انساني صورتحال ۾ پاڪستان جي مدد جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ عالمي برادري جي نالي پيغام ۽ پاڪستان جي حمايت تي آمريڪي صدر جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي آمريڪي صدر جو بائيڊن ??ان ملاقات ٿي، اها ملاقات گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 ??ين اجلاس جي موقعي تي ٿي. ملاقات ۾ آمريڪي صدر جو بائيڊن پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۾ سوين فوتگين تي افسوس ۽ متاثر خاندانن ??ان همدردي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف آمريڪي صدر پاران افسوس ۽ همدردي جي اظهار تي ان جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ عالمي برادري جي نالي پيغام ۽ پاڪستان جي حمايت تي آمريڪي صدر جا خاص طور تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم آمريڪا جي عالمي ترقي واري اداري (يو ايس ايڊ) جي سربراهه جي پاڪستان جي دوري ۽ امداد موڪلڻ تي پڻ آمريڪي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا.