لنڊن – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي اڳواڻن ۽ شاهي خاندانن ??ي ميمبرن سان ويسٽ منسٽر ايبي ۾ آنجهاني مل??ه ايلزبيٿ ٻه جي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم خصوصي طور تي ڪوئين ايلزبيٿ جي آخري رسمن ۾ شرڪت جي لاءِ لنڊن پهتو هو جيڪا 8 سيپٽمبر تي 96 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي. سڄي دنيا مان 500 کان وڌيڪ مل??ن جا نمائندا مل??ه جي آخري رسمن ۾ شريڪ ٿيا جن ۾ آمريڪا جي صدر جو بائيڊن، چين جي نائب صدر وانگ ڪشان، جاپان جي شهنشاهه ناروهيٽو، اردن جي شاهه عبدالله، بيلجيم جي ڪنڪ فلپ ۽ ڪوئين ميٿلڊي سان گڏوگڏ شاهي خاندان جي 2 هزار کان وڌيڪ ميمبرن شرڪت ڪئي. ڪوئين ايلزبيٿ کي سرڪاري اعزاز سان ونڊسر ڪيسل ڪنگ جارج ڇهه ميموريل چيپل ۾ پنهنجي مرحوم مڙس سان شاهي قبرستان ۾ دف?? ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته آنجهاني مل??ه دولت مشترڪه جي ميمبر مل??ن جي شهرين جي نسلن لاءِ طاقت جو ذريعو هئي، پاڪستان جي عوام مل??ه ايلزبيٿ جي پاڪستان جي 2 دورن کي ياد رکندي، پاڪستاني عوام ۽ برطانوي شاهي خاندان جي وچ ۾ لاڳاپا وقت سان گڏ مضبوط ٿيا آهن.