اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته صحتمند طرز زندگي، باقاعدگي ??ان ورزش، مشاهدي جي ذريعي متعدي ۽ غيرمتعدي بيمارين جي خلاف صحت لاءِ محفوظ ۽ سارسنڀال جي نظام کي اختيار ڪري ا??ان جي صحت جي ڪمزور نظام تي بيمارين جي بار کي نمايان طور تي گهٽ ڪري سگهجي ٿو، صفائي سٿرائي ۽ پن??نجي خوراڪ ۾ بهتري ??ان علاج جي نظام ??ان گڏوگڏ مريضن تي به ب??ر گهٽ ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن فائونڊيشن يونيورسٽي ڪاليج آف ڊينٽسٽري جي ڪانووڪيشن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ فيڪلٽي ميمبرن، فارغ ٿيندڙ شاگردن ۽ انهن جي والدين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي صدر بيمارين جي جلد سُڃاڻپ بابت آگاهي پيدا ڪرڻ، صحتمند طرز زندگي اختيار ڪرڻ ۽ مريضن ??ان انتهائي احتياط، مهرباني ۽ شفقت ??ان علاج ڪندي بيماري کان بچڻ جي لاءِ احتياطي تدبيرن کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته ان ??ان مريضن کي يقين ڏيارڻ ۽ انهن جي صحت جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ تمام وڏو فرق پيو. هن چيو ته رڳو عوام کي وات جي صفائي ۽ وات جي صحت جي سارسنڀال جي اهميت ببات آگاهه ڪري وات جي بيمارين ۾ نمايان گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. هن چيو ته سڄي زندگي صحتمند ڏندن جي سارسنڀال ٻين بيمارين کان به بچائيندي ۽ ماڻهن کي خوش ۽ صحتمند زندگي گذارڻ جي قابل بڻائيندي. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته اٽڪل 50 سيڪڙو عورتون شادي کانپوءِ يا ان کان اڳ ئي ميڊيڪل جو پيشو ڇڏي ڏين ٿيون جيڪو ملڪ ۽ معاشري جي لاءِ تمام وڏو نقصان آهي. هن ان رجحان کي ختم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻ ي زور ڏنو ۽ والدين تي زور ڏنو ته اهي پن??نجي ڌيئرن کي پن??نجي پيشي کي جاري رکڻ جي لاءِ مدد ڪن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت کي هڪ محفوظ ۽ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن ۽ ان جي لاءِ پن??نجا سرڪاري فرض آن لائين يا مناسب وقت ۽ نظام الاوقات تي انجام ڏيڻ جا موقعا پيدا ڪرڻ گهرجن ته جيئن اهي ڪم ڪري سگهن ۽ پن??نجي خاندانن جي آرام ??ان پرور?? ڪري سگهن. هن چيو ته عوام کي جعلي خبرن کان بچڻ، ماڻهن جي پرائيويسي جو احترام ڪرڻ ۽ پيغامن ۽ بيانن کي انهنجي حقيقي ڏس ۾ پي?? ڪرڻ بابت آگاهي ڏئي معاشري ۾ ڇڪتاڻ جي سطح کي گهٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته حوالي ۽ حقيقتن کان هٽي ڪري بيان ڪيل جملا معاشري ۾ انتشار ۽ ڇڪتاڻ کي وڌائين ٿا ان لاءِ انهن کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ گهرجي. صدر نوجوان گريجوئيٽس کي انهن جي پيشيواراڻي زندگي شروع ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ انهن کي مشورو ڏنو ته اهي علم حاصل کي جاري رکن ۽ پن??نجي ذاتي ۽ پيشيواراڻي زندگي ۾ عاجزي جو مظاهرو ڪن. هن سمورن طبي پيشيور ماڻهن تي به زور ڏنو ته اهي پن??نجي مريضن ??ان همدردي ??ان پيش اچن ڇو ته اهي هڪ عظيم پيشي جو حصو آهن جنهن جو بنيادي فرض ڌرتيءَ تي رهندڙ انسانن جي ڏکن کي گهٽ ڪرڻ آهي. ان کان اڳ صدر ناليواري گريجوئيٽس ۾ ميڊلز ۽ سرٽيفڪيٽ ورهايا. فائونڊيشن يونيورسٽي اسڪول آف هيلٿ سائنسز جي ڊائريڪٽر ميجر جنرل (ر) ڊاڪٽر عمران فضل يونيورسٽي جي سالياني رپورٽ پيش ڪئي.