آستانه – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻن ڏينهن جو قازقستان جو ڪامياب دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??ازقستان جي نائب وزيراعظم ۽ ناڻي واري وزير پرولا?? زامائو بايوف نور سلطان بازيف ايئرپورٽ آستانه تي وزيراعظم کي الوداع ڪيو. وزيراعظم 2 ڏينهن جي دوري دوران سيڪا جي ڇهين سربراهي ا??لاس کي اهم خطاب ڪيو جڏهن ته دوري جي موقعي تي وزيراعظم فلسطين جي صدر محمود عباس، تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان، بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو، قازقستان جي صدر قاسم زوما??ٽ توڪايوف، ويٽنام جي نائب صدر، آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سميت ٻين اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون.