اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت اليڪ??رڪ وهيڪل جي انگ ۾ اضافي ۽ ان جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ وسيع پئماني تي انفراسٽرڪچر جي تعمير جي ٺوس حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪندي پاڪستان ترقي يافته ملڪن جي پيدا ڪيل موسمياتي تبديلين جي اثرن جو نتيجو ڀوڳي ??هي?? آهي، تازو ئي ملڪ ۾ 10 هزار م??گا??اٽ شمسي توانائي جي منصوبي جي منظوري ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ ملڪ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ اليڪ??رڪ بسز جي شموليت، اليڪ??رڪ وهيڪل جي صنعت ۽ معاون انفراسٽرڪچر جي تعمير ۽ تجديد جي قابل جي توانائي جي ذريعن تي اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس کي پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ اليڪ??رڪ بسز جي شموليت جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون ويون. اجلاس کي سڄي دنيا ۾ موجود اليڪ??رڪ بسز ۽ گاڏين جي صنعت ۽ پاڪستان ۾ ان صنعت جي تعمير جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ترقي يافته ملڪن جي پيدا ڪيل موسمياتي تبديلين جي اثرن جو خميازو ڀوڳي ??هي?? آهي. حڪومت موسمياتي تبديلين ۾ ڪارگر عنصرن کي روڪڻ کي پنهنجي اولين ترجيح ۾ شامل ڪري رهي آهي، حڪومت اليڪ??رڪ وهيڪل جي انگ ۾ اضافي ۽ ان جي لاءِ سڄي ملڪ ۾و سيع پئماني تي انفراسٽرڪچر جي ٺوس حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪندي. هن چيو ته مون تازو ئي ملڪ م 10 هزار م??گا??اٽ شمسي توانائي جي منصوبي جي منظوري ڏني آهي، حڪومت پاڪستان کي توانائي جي شعبي ۾ پاڻڀرو بڻائڻ جي لاءِ قابل تجديد توانائي ۾ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪري رهي آهي، منصوبي سان نه رڳو ماحولياتي آلودگي گهٽ ٿيندي، گهٽ اگهن تي بجلي جي پيداوار ممڪن ٿيندي پر مهانگي ٻارڻ جي درآمد گهٽ ڪري قيمتي پرڏيهي ناڻي کي بچائي س??هب??. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ اليڪ??رڪ بسز ۽ گاڏين جي لاءِ صنعت ۽ انفراسٽرڪچر جي تعمير سان نه رڳو پاڪستان جي درآمدي بل ۾ خاطرخواهه گهٽتائي ايندي پر ان صنعت جي تعمير سان ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم اجلاس دوران لاڳاپيل عملدارن کي ان حوالي سان ٺوس پلان جلد پيش ڪرڻ ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت، پاور منسٽري ۽ سيڙپڪاري بورڊ کي ان شعبي ۾ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.