اسلام آباد – 31 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفا??ي وزير احسن اقبال چيو آهي، ته حڪومت ايم ايل ون ۽ ڪرا??ي سرڪلر ريلوي منصوبن کي شروع ڪرڻ ۾ پرعزم آهي. ايم ايل ون پاڪستان ۽ چين ٻنهي ملڪن جي معيشت تي وڏا اقتصادي اثر ڇڏيندو. هن اهڙو اظهار پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ سي پيڪ تحت جاري منصوبن تي ڳالهيون ٿيون جيڪي وزيراعظم شهباز شريف جي هاڻوڪي چين واري دوري دوران پيش ڪيا ويندا. انهن منصوبن تي ايم او يو ايس صحيحيون ٿينديون. ان موقعي تي وفا??ي وزير سي پيڪ جي ڪيترن ئي منصوبن جي اهميت تي زور ڀريو ۽ ان ڳالهه جو عزم ورجايو ته حڪومت انهن منصوبن خاص طور تي ايم ايل ون ۽ ڪرا??ي سرڪلر ريلوي ڪي سي آر منصوبن کي شروع ڪرڻ تي پرعزم آهي. وفا??ي وزير ايم ايل ون ۽ ڪي سي آر منصوبن جي اهميت تي روشني وڌي جيڪي هڪ اسٽريٽجڪ پروجيڪٽس سمجهيا وڃن ٿا. وفا??ي وزير چيو ته ان سلسلي ۾ سموريون ڪارروائيون مڪمل ڪيون ويون آهن، جن ۾ سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي جي منظوري پڻ شامل آهي. وفا??ي وزير چيو ته ايم ايل ون سان پاڪستان ۽ چين ٻنهي ملڪن جي معيشت تي اقتصادي اثر پوندا. وفا??ي وزير مختلف شعبن جهڙوڪ توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، ثقافت ۽ ٻين ڪيترن ئي منصوبن جي اهميت تي زور ڀريو. جيڪي پهرين نومبر تي وزيراعظم جي چين جي دوري دوران اٿاريا ويندا ۽ مختلف منصوبن تي ايم او يو ايس صحيحيون ٿينديون. چي??ي سفير حڪومت خاص ڪري منصوبابندي ، ترقي ۽ سڌارن واري وفا??ي وزير جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ پنهنجي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي.