اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هڪ مضبوط معاشري ۽ صحتمند ملڪ جي تعمير لاءِ سمورن شهرين کي هڪ جهڙي بنا ڪنهن فرق جي معياري صحت جون خدمتون فراهم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ايڊز جي متاثرين جي لاءِ ٽ??سٽ ۽ علاج جي خدمتن جي فراهمي لاءِ پنهنجي حمايت کي ورجائي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايڊز جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. صدر چيو ته ??سان قومي ۽ صوبائي سطح تي ايڇ آءِ وي تي ردعمل کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڊيٽا تي ٻڌل حل جي حمايت، تحقيق ۽ علاج تائين پهچ کي وڌائڻ، معاشري جي ڪمزور طبقي کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ ۽ ايڇ آئي وي جي بيمارين ۽ ان جي متاثرين سان واڳيل بدنامي ۽ امتيازي سلوڪ جي خاتمي لاءِ ڀرپور قدم کڻنداسين. هن چيو ته ??سان يو اين ايڊز، غيرسرڪاري تنظيمن، نجي شعبي ۽ پنهنجي حصيدارن سان گڏجي ايڇ آئي وي ۽ ايڊز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ نوان طريقا ڳولڻ جي لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين. اها هڪ قابل علاج بيماري آهي، جيڪا ڪمزور ڪميونٽيز کي متاثر ڪري رهي آهي. صدر چيو ته ??سان انهن ماڻهن جي لاءِ به دعاڳو آهيون، جن ايڊز جي ڪري پنهنجون حياتيون وڃايون ۽ ڏکويل خاندانن جي ماڻهن سان پنهنجي يڪجهتي ۽ حمايت جو اظهار ڪريون ٿا جن ان موذي بيماري جي ڪري پنهنجي پيارن کي وڃايو آهي. صدر عارف علوي ايڊز جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي حمايت کي ورجائيندي چيو ته ??يڊز جي متاثرين کي اها خاطري ڪرايون ٿا ته ??سان نئين انفيڪشن کي روڪڻ جي مقصد ??ان گڏ سمورين لاڳاپيل ڌرين سان گڏجي هر سطح تي ڪم ڪندا رهنداسين، جيڪي ماڻهو ان ۾ مبتلا آهن، انهن جو علاج انهن کي بدنام ڪرڻ کانسواءِ احتياط ۽ جذبي سان ڪنداسين ته ??يئن ملڪ مان ايڊز جو صفايو اهڙي طرح ڪري سگهجي جيئن ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ڪاميابي سان ڪيو ويو آهي. صدر سڀني لاڳاپيل ڌرين تي هڪ ڀيرو ٻيهر زور ڏنو ته ??هي ان بيماري کي مڪمل طور تي شڪست ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي عزم کي ورجائين ته ??يئن عوام ۾ بيداري پيدا ڪرڻ ?? ڪمزور طبقن کي مشاورت فراهم ڪئي وڃي ته ??يئن بيماري کي مڪمل طور تي روڪي قيمتي جانين کي بچائڻ جي لاءِ شروعاتي مرحلي ۾ ان جي تشخيص ڪئي وڃي.