شرم ا??شيخ – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ??صر جي شهر شرم ا??شيخ ۾ منعقد ٿيندڙ ڪوپ – 27 سربراهه اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم ملڪ ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران ??ڪجهتي جي اظهار ۽ پاڪستان جي لاءِ وڏي پئماني تي تعاون جي اپيل کي ساراهيندي ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان ??ڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي موسمياتي تبديلي جي ڪري درپيش چئلينج جو واضح اظهار آهي. وزيراعظم موسمياتي انصاف ۽ ماحولياتي يڪجهتي جي لاءِ سيڪريٽري جنرل جي مطالبي جي پڻ توثيق ڪئي. وزيراعظم چيو ته پوسٽ ڊيزاسٽر نيڊز اسسمنٽ موجب ٻوڏ سان ??يندڙ نقصان جو ڪاٿو 32 ارب ڊالر کان ??ڌيڪ آهي جيڪو پاڪستان جي مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) جو اٽڪل 10 سيڪڙو بڻجي ٿو، پاڪستان کي بحالي ۽ ن??ين سر تعمير جي تمام وڏي ڪم جي لاءِ پائيدار ترقي جي ماڊل جي بنياد تي سرسبز بڻائڻ جي لاءِ خاطرخواهه عالمي تعاون جي ضرورت پوندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان سان ??ڪجهتي جي اظهار لاءِ گذريل مهيني گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي قرارداد جي منظوري جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان سمورن ترقياتي حصيدارن کي گڏ ڪرڻ جي لاءِ ه?? عالمي ”ڊونرز ڪانفرنس“ گهرائڻ جو منتظر آهي. وزيراعظم گڏيل قومن پاران ??اڪستان کي تجويز ڪيل ڪانفرنس ۾ هڪ ٺوس بحالي ۽ ن??ين سر تعمير جو منصوبو تيار ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ جي لاءِ انٽر ايجنسي ٽيم جي جوڙجڪ کي پڻ ساراهيو جنهن جي قيادت ڊپٽي سيڪريٽري جنرل ڪندو. وزيراعظم چيو ته موسمياتي ڪانفرنس عالمي برادري جي لاءِ ه?? وقت سر موقعو آهي ته اها ماحولياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ ماحولياتي انصاف کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ برابر ۽ گڏيل اصولن تي ٻڌل قدم کڻي. وزيراعظم ا?? ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪوپ – 27 جي اجلاس ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ??يندڙ نقصان ۽ تباهي کي منهن ڏيڻ هڪ اهم ”ڊيليوريبل“ هوندو. پاڪستان جي گروپ جي – 77 ۽ چين جي سربراهه هجڻ جي حيثيت سان ڪوپ – 27 اتفاق راءِ سان ”لاس اينڊ ڊميج فنانس“ تي هڪ ايجنڊا ائٽم کي شامل ڪرڻ جي تجويز سان اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سيڪريٽري جنرل جي وچ ۾ ٻطرفي ملاقات کانپوءِ ”پاڪستان ??ويلين“ ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس پڻ ٿي.