اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عورتن کي وراثت کان محروم رکندڙ غلط روايتي ظلم جو خاتمو ٿيڻ گهرجي، ان مقصد جي لاءِ سمورن حصيدارن کي گڏجي ڪم ??رڻ?? آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته اسان کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ آهي ته ڪير اسلامي قانون وراثت جي خلاف ورزي نه ڪري جهڙي نموني قرآن ۽ سنت ۽ اسان جي آئين ۾ لکيل آهي. هن چيو ته ان غلط روايتي ظلم جو خاتمو ٿيڻ گهرجي جنهن ۾ عورتون وراثت کان محروم رهن، ع??لم سڳورن، عدليه ۽ ميڊيا کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي مون سان گڏجي هي جنگ وڙهن. صدر عارف علوي عورتن کي وراثت ۾ حصو ڏيڻ جي حوال?? سان پنهنجي هڪ فيصلي جا تفصيل به شيئر ڪيا جنهن موجب صدر هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب پاران 4 ڀينرن کي وراثتي جائيدا?? ۾ ??صو ڏيڻ جي حڪمن کي برقرار رکندي پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته وراثتي جائيداد جي وڪر?? سان حاصل ٿيندڙ رقم سمورن ڀينرن ڀائرن ۾ حصي موجب ورڇ ڪئي وڃي. واضح رهي ته چار ڀينرن هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب کي شڪايت ڪئي هئي ته سندن ڀائرن فوتي والد جي جائيدا?? ۾ ??نهن جي وراثتي حق ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ درخواست ڪئي هئي ته انهن جو حصو انهن کي ڏياريو وڃي.