اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي مضبوط کان مضبوط تر بڻائڻ جا خواهشمند آهيون، پاڪستان ۽ يو اي اي جي وچ ۾ واپاري، اقتصادي ۽ سيڙپڪ??ري جي شعبن ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري پريس رليز موجب وزيراعظم پاڪستان جي سمورن لاڳاپيل ادارن جي مڪمل تي??ري سان يو اي اي جي دوري تي وڃي رهيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ٻن ڏينهن جي يو اي اي جي دوري جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ چاهيون ٿا. ان سلسلي ۾ وسيع موقعا موجود آهن جن جو ٻنهي ملڪن کي ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد ا??نهيان جي د??وت تي سڀاڻي خميس کان ٻن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي رهيو آهي. دوري دوران ٻطرفي گڏيل معاشي ۽ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ لاءِ وزيراعظم اماراتي اڳواڻن، واپارين ۽ سيڙ??ڪا??ن سان ملاقاتون ڪندو.