اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزارت جي ترجمان ڀارتي ??يڊيا ۾ رپورٽس جي حوالي سان چيو آهي ته اسان ان ڪيس کي ڏسي رهيا آهيون، اسان ان جي وقت ۽ ان جي کڻڻ جي انداز تي حيران آ??يون، اسان جي مشنز تي ايندڙ ماڻهن سان بدسلوڪي تي زيرو ٽالرنس آهي. ڀارتي ??يڊيا ۾ رپورٽس جي حوالي سان ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته اسان سمورا ويزا ۽ قونصلر درخواست ڏيندڙن سان مناسب ادب ۽ سلوڪ کي تمام گهڻي اهميت ڏيون ٿا. اسان جي سموري سفارتي عملي کي سخت هدايتون ڏنيون ويون آ??ن ته اهي پنهنجو پاڻ کي پيشيواراڻي انداز ۾ هلائين. هن چيو ته اسان ان ڪيس کي ڏسي رهيا آهيون، اسان ان جي وقت ۽ ان جي کڻڻ جي انداز تي حيران آ??يون. سمورين عوامي شڪايتن جي ازالي لاءِ مضبوط مڪينزم موجود آهي، اسان جي مشنز تي ايندڙ ماڻهن سان بدسلوڪي تي زيرو ٽالرنس آهي.