اسلام آباد – 21 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت ميڊيا جي آزادي تي يقين رکي ٿي، ورڪنگ جرنلسٽ جي سيفٽي، ٽريننگ ??مي?? انهن جا درپيش مسئلا حل ڪيا ويندا. اها ڳالهه هن ملاقات جي ل??ءِ آيل مري پريس ڪلب جي وفد سان ڳالهائيندي ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته صحافين جي گروپ انشورنس جي ل??ءِ عملي قدم کڻي رهيا آهيون. ان ??ان اڳ صحافين جي پگهارن جي ادائيگي جي حوالي سان اهم ترميمون آنديون پيون وڃن. اطلاعات واري وفاقي وزير مري پريس ڪلب جي وفد جا مسئلا ڌيان سان ٻڌا. ان موقعي تي هن چيو ته صحافين جي مسئلن ??ان آگاهه آهيون، ان جي حل ل??ءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون. ملاقات ۾ مري جي سياحتي اهميت پريس ڪلب ۽ صحافين جي درپيش مسئلن ??مي?? ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وفد ۾ مري پريس ڪلب جي صدر عبدالحميد عباسي، چيئرمين شفقت عباسي، جنرل سيڪريٽري ياسر عباسي ۽ سينيئر ميمبر اويس الحق ۽ ابوذر عباسي شامل هئا.