اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو آهي ته عورت انٽر پرينيور جو ملڪي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي، عورتن کي معاشي طور تي خودمختيار بڻائڻ جي لاءِ واپار واري وزارت، ٽريڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي، اسلام آباد وومين چيمبر آف ڪامرس سان گڏوگڏ اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، عورتون مجموعي ملڪي آبادي جو 51 سيڪڙو آهن، جيڪي ملڪي معاشي ترقي ۾ مردن سان گڏ ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس ۾ عورتون انٽرپرينيور جي حوصلا افزائي جي لاءِ ”هر هنر“ نمائش جي پري لانچنگ تقريب ۽ نمائش جي آفيشل لوگو جي رونمائي تقريب کي خاص مهمان ??ي حيثيت سان ??طاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد عورت انٽرپرينيور جي حوصلا افزائي جي لاءِ ٽريڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان ??ي قدمن کي ساراهيو ۽ يقين ڏياريو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ان ??يونٽ کي ڪامياب بڻائڻ ۾ ڀرپور مدد ڪندي. هن چيو ته عورتن جي لاءِ هڪ جدا پليٽ فارم طور ٽي ڊيپ هڪ سٺي ڪوشش ڪئي آهي جنهن سان ڏورانهن علائقن جو?? عورتون ان نمائش جي لاءِ اچي رهيون آهن. هن چيو ته ڪنهن به معاشري جي ترقي لاءِ اهو ضروري آهي ته مرد عورتن جي مدد ڪن.
وفاقي سيڪريٽري چيو ته عورتون انٽرپرينيور جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ان ??والي سان ??ورتن کي واپار دوست ماحول ج?? فراهمي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. تقريب کي ٽريڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان ??ي ڊائريڪٽر جنرل محمد نصير پڻ خطاب ڪيو، هن چيو ته عورت انٽرپرينيور کي گلوبل سطح تي متعارف ڪرائڻ جون ڪوششون جاري آهن ۽ ٽي ڊ??پ ڪاروباري عورتن جي ترقي ۽ ان ??ي فروغ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهيو آهي. ان موقعي تي ٽريڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان ??ي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مريم ممتاز هر هنر نمائش جي مقصدن بابت پريزنٽيشن ڏني ۽ ٻڌايو ته عورتون انٽرپرينيورز جي حوصلا افزائي جي لاءِ نمائش 4 کان 5 مارچ پاڪ چائنا فرينڊشپ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندي. جنهن ۾ سڄي ملڪ مان ??اص طور تي اترين علائقن جو?? عورتون انٽرپرينيورز پنهنجي مصنوعات جي نمائش ڪنديون. تقريب کي اسلام آباد وومين چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر رضوانه چوڌري، آءِ ٽي ايڪسپرٽ سدره چيما ۽ ماهنور فاطمه پڻ خطاب ڪيو ۽ چيو ته عورتن جي معاشي خودمختياري جي لاءِ پاڪستان ??ڪومت واپار واري وزارت ۽ ٽي ڊيپ جا قدم ساراهه جوڳا آهن. تقريب کي اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر احسن ظفر بختاوري چيو ته ملڪي معاشي ترقي خاص طور تي عورت انٽرپرينيورز جي ترقي لاءِ واپار دوست پاليسين جو فروغ ۽ عورت انٽرپرينيورز کي سهولتن جي فراهم?? تمام اهم آهي. هن چيو ته عورتن کي معاشي خودمختيار بڻائڻ ۽ معاشرتي خوشحالي جي لاءِ اهڙي قسم جون نمائشون تمام گهڻيون لاڀائتيُون ثابت ٿينديون.
تقريب جي پڄاڻي تي اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر احسن ظفر بختاوري، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ ٽريڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان ??ي ڊائريڪٽر جنرل محمد نصير کي سووينيئرز پيش ڪيا ويا.