اسلام آباد – 13 مارچ (اي پي پي) تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته قوم کي خاطري ڪرايون ٿا ته ڪرونا وائرس جي وبا جو ڄمي مقابلو ڪنداسين ?? سڄي قوم کي گڏ کڻي هلنداسين، قومي سلامتي ڪميٽي جو اجل??س طلب ڪيو ويو آهي، ان ۾ سمورن صوبن کي به گهرايو ويو آهي جنهن ۾ ان حوالي سان اهم فيصلا ڪيا و??ند??، هر ملڪ ان بيماري جي خلاف پنهنجي طور قدم کڻي رهيو آهي، قومي اسيمبلي ۾ ڪرونا وائرس جي حوالي سان اٿاريل اعتراض وارن نقطن جو جواب ڏيندي وفاقي وزير شفقت محمود چيو ته واقعي وڏي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي، حڪومت ان صورتحال کان آگاهه آهي ۽ قدم کنيا پيا وڃن.