اسلام آباد – 16 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خوراڪ جي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير کي هدايت ڪئي آهي ته موجوده صورتحال خاص طور تي رمضان مهيني کي نظر ۾ رکندي ڪڻڪ ۽ ٻين ضرورت جي شين جي طلب ۽ پهچ تي گهري نظر رکي وڃي ته جيئن وق?? سر فيصلا ڪري ??گه??ن ۽ ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ خوراڪ ج?? کوٽ نه ٿئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خوراڪ جي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير سيد فخر امام سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ڪڻڪ ج?? اسمگلنگ جي روڪٿام، مڪڙن جي خاتمي جي حوالي سان قدمن ۽ ايندڙ سال معياري ڪڻڪ جي پيداوار حاصل ڪرڻ جي لاءِ بهتر ٻج ج?? استعمال جي حوالي سان تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.