اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آ??ي ته ڪووڊ 19 جي وبا گذريل صدر جي دو??ان دنيا سميت پاڪستان لاءِ هڪ شديد وبا ثابت ٿي آهي ج??هن سان معيشت تي دٻاءُ وڌيو ۽ صحت جا مسئلا پيدا ٿيا، پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته صحت جي مسئلن جو حل معيشت کي بند ڪرڻ ناهي هوندو. هن چيو ته هلندڙ سال پهرين ٽه ماهي دو??ان آمريڪا ۽ برطانيه سميت ٻين ملڪن جون معيشتون بري طرح متاثر ٿيو پر پاڪستان ڪورونا وائرس جو جهڙي طرح مقابلو ڪيو ان جو اعتراف عالمي سطح تي ڪيو ويو آ??ي ۽ پاڪستان ان مشڪل جو ڪاميابي سان مقابلو ڪيو آ??ي، هن چيو ته ب?? گيٽس به ڪيترن ئي موقعن تي ڳالهائڻ دو??ان پاڪستان ۽ ڀارت جو تجزيو ڪندي پاڪستان جي ڪارڪردگي کي شاندار قرار ڏنو جڏهن ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي چونڊيل صدر به پنهنجي تازي پاڪستانجي دو??ي جي موقعي تي ان جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته دنيا پاڪستان جي تجربن مان فائدو کڻي، وفاقي وزير چيو ته وال اسٽريٽ جرنل پاڪستان جي باري ۾ عام طور تي سٺيون خبرون ناهي ڏيندو وائرس جي حوالي سان حڪومت جي قدمن کي ساراهيو ويو.