اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ زراعت بابت لاڳاپيل ڪاروبار جي بهتري، زرعي پيداوار ۾ اضافو ۽ پاڪستان ۾ فارمنگ انڊسٽري جي فروغ لا??ِ جديد زرعي ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، بهتر فصل لا??ِ وڌ کان وڌ ٽيڪنالاجيڪل حل اختيار ڪيا وڃن. هو ايوان صدر ۾ فوڊ سيڪيورٽي ۽ زراعت ۾ ٽيڪنالاجي جي حوالي سان منعقد اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وزير سيد امين الحق، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وارو وزير سيد فخر امام، سائنس ۽ ٽ??ڪنالاجي وارو وزير چوڌري فواد حسين، آءِ ٽي ۽ ٽ??لي ڪام وارو سيڪريٽري، شعيب صديقي، سائنس ۽ ٽ??ڪنالاجي وارو سيڪريٽري ڪيپٽن (ر) نسيم نواز به شرڪت ڪئي، وفاقي وزير سيد فخر امام اجلاس کي وزارت طرفان زراعت جي بهتري لا??ِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو، سائنس ۽ ٽ??ڪنالاجي واري وزير چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته سندس وزارت زرعي شعبي ۾ روايتي طريقن ۾ تبديلي آڻڻ جي لا??ِ مدد ڪندي، آءِ ٽي واري وزير اجلاس کي ٻڌايو ته سندس وزارت آبادگارن کي زرعي ڄاڻ جي فراهمي ۽ انهن جي مسئلن جي حل لا??ِ ايپليڪيشن ٺاهيندي، ان موقعي تي زرعي شعبي کي درپيش مسئلن جي حل لا??ِ انهن سمورين وزارتن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو، ان موقعي تي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته زراعت جي شعبي ۾ جدت آڻڻ لا??ِ روڊ ميپ جي تياري لا??ِ قومي فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت قائداڻو ڪردار ادا ڪندي.