پشاور – 19 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي اطلاعات ۽ عو??مي لاڳاپن واري اداري جو ا??لاعات جو ٺوس نظام ساراهه جوڳو آهي، اداري ۾ سڌاراجاتي ايجنڊا ۽ شفافيت يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ اشتهارن جي آن لائن سسٽم کي متعارف ڪرائڻ وڏي ڪاميابي ۽ موجوده حڪومت جي ڊيجيٽلائيزيشن پاليسي کي مڪمل ڪرڻ طرف اهم قدم آهي. اهڙن خيالن جو ا??هار هن خيبرپختونخواهه جي اطلاعات ۽ عو??مي لاڳاپن واري اداري جي اطلاعات سيل جي د??ري جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات وارو سيڪريٽري ارشد خان ۽ ڊائريڪٽر جنرل امداد الله پڻ موجود هئا.