لاهور – 28 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سمورا جيب ڪترا اسٽيج تي ??يهي گوڙ ڪري رهيا آهن، سمورن چورن جو احتساب ٿيندو هاڻي انهن سان ڪنهن به صورت ۾ بليڪ ميل نه ٿينداسين، 30 سالن کان و??ريون وٺندڙ ڊنل آهن ڇو ته انهن کي هاڻي جيلن ۾ وڃڻو آهي، پهريون ڀيرو ملڪ ۾ ميرٽ تي ??حتساب ٿي رهيو آهي، ننڍي ننڍ?? مافيا تبديلي اچڻ نه پي ڏي، معمولي کنگهه تي لنڊن ويندڙن کي ڪهڙي خبر ته پاڪستان جي اسپتالن جو ڪهڙو حال آهي. هو ايوان اقبال لاهور ۾ انصاف ڊاڪٽرز فورم جي اهتمام هيٺ ڪنوينشن کي خطاب ڪري رهيو هو.